شملو ڪلان 2

شملو ڪلان 2

شملو ڪلان 2

شملو ڪلان II (Shamloo Kalan II: ماڳ): هيءُ ماڳ ضلعي جند صوبي پنجاب (هندستان) جي ڳوٺ شملو ڪلان کان ٻه ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ آهي. شملو ڪلان- گائوتي روڊ هتان گذري ٿو. هيءُ ماڳ "10'12°29 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ "16.2'23°76 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي هڪ دڙي جي صورت ۾ موجود آهي. ماڳ 10 هيڪٽرن تي پکڙيل آهي. هن ماڳ جو ڏکڻ وارو حصو سندر ڪئنال ۾ اچي ويو آهي، جڏهن ته اوڀر، اولهه ۽ اتر وارو گهڻو حصو زرعي زمين جي والار هيٺ آهي. ماڳ جو صرف وچؤن حصو بچيو آهي. هن ماڳ جي پهرين پڙتال هندوستان جي قديم آثارن جي ماهر امرسنگهه ڪئي. هن جي چوڻ موجب هتي پوئين هڙاپائي دور جي ٺڪراٺي سان گڏ اوائلي هڙاپائي دور جي ٿورو گهڻو ٺڪراٺو ملي ٿو.
هتي جڏهن گهري نظر سان وٿن جو مطالعو ڪيو ويو ته هتان چئن دورن جون وٿون مليون، اڳ هڙاپائي دور (Pre- Harappan Period) يا هاڪڙا ويئر وارو دور، (2) اوائلي هڙاپائي (Early Harappan Period) ۽ تاريخي دور شامل آهن. دڙي جي مٿاڇري تي اوائلي هڙاپائي دور جي ڪچي ڀت اڃا بيٺل آهي، جنهن جي ڊيگهه 7 ميٽر آهي. اتي سرن جي بٺي جا آثار به ملن ٿا. ٺڪراٺي کان سواءِ ٻيون وٿون به چڱي تعداد ۾ مليون آهن. جن ۾ ٽامي جون چوڙيون، ٽامي جون منڊيون، مڇي مارڻ جا ڪلوئڙا، هڪ وڏو ٺڪر جو ٿانءُ ۽ مڻڪا وغيره شامل آهن. سنڌو تهذيب جو هي ماڳ سنڌو تهذيب جي ٽن دورن تي مشتمل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو